بگهياڙ ڦاٽ

بگهياڙ ڦاٽ: بگهياڙ ڦاٽ جنهن کي ناله ساڪره (ساڪري وارو وهڪرو) سڏبو هو، اهو (هاڻوڪي ٺٽي ضلعي جي) ساڪري جي پرڳڻي مان وهندو هو. چچ نامي جي لکت موجب جڏهن محمد بن قاسم ديبل کي فتح ڪيو (712ع) تڏهن پاڻ خشڪي رستي نيرون ڪوٽ ڏانهن وڌيو ۽ منجنيقون ۽ ٻيو جنگي سامان ٻيڙين ذريعي کڻي اچڻ جو حڪم ڏنائين. پوءِ اهي سامان واريون ٻيڙيون انهيءَ پاڻي واري رستي (بگهياڙ ڦاٽ) کان آندائون .


لفظ بگهياڙ ڦاٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو